منهنجي مٿان سياسي بنيادن تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، هميشه عوام جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي: تيغو خان تيغاڻي

ڪنڌڪوٽ :مان اغوا ٿيل ايس ايڇ او سميت ٽن مغوين جي اغوا جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد سردار تيغو خان تيغاڻي جو موقف سامهون اچي ويو. سردار تيغو خان تيغاڻي پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته منهنجي مٿان سياسي بنيادن تي ڪوڙو ڪيس داخل ويو آهي، جنهن ۾ منهنجي خاندان جي ماڻهن کي به شامل ڪيو ويو آهي. مون هميشه عوام جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ آرمي آپريشن جي پڻ حمايت ڪئي آهي جيڪا ڳالهه سياسي ڀوتارن کي نٿي وڻي.سردار تيغو خان تيغاڻي چيو ته مون کي سياسي طور تي چونڊن کان ٻاهر ڪرڻ لاءِ ايف آءِ ار داخل ڪرائي وئي آهي. ايس ايس پي عرفان سمون ٽارگيٽ ڪري ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي. سياستدانن جي چوڻ تي منهنجي مٿان ڪيس داخل ويو آهي. تيغو خان تيغاڻي مطالبو ڪندي چيو آهي ته آءِ جي سنڌ ۽ ٻيا وس وارا نوٽيس وٺي مون سان انصاف ڪن.