ڪنڌرا : ڀرسان ڳوٺ واھ ٻرڙا محلو ڪلر ڳوٺ جا رهواسي علي حسن ٻرڙو پيرسن عورت مسمات ربل قرآن پاڪ کڻي ڪنڌرا پريس ڪلب پھچي ھنن صحافين آڏو داهيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ جا ڪجھ بااثر ماڻھون عابد علي ٻرڙو فاروق ٻرڙو بولي ٻرڙو ولد نجيب الله ٻرڙو جا پٽ ۽ نامعلوم هٿيار بند ساڻ ڪري روز اسان جي گھرن ۾ اچي تشدد ڪن ٿا ۽ هوائي فائرنگ ڪري موت مار ڌمڪيون ڏيندا رهن ٿا ته اسان توهان کي مارينداسين . آءجي سنڌ ، ڊي آء جي سکر ايس ايس پي سکر ، ڪنڌرا ايس ايڇ او جن کي اپيل ڪريون ٿا ته اسان کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي . اسان تمام گھڻا مسڪين ماڻھون آھيون اسان جي جان کي خطرو آھي جيڪڏهن اسان کي ڪجھ به ٿيو ته ان جا زميوار نجيب الله ٻرڙو ۽ ان جا پٽ ۽ انهن جا ساٿاري هوندا .