لاڙڪاڻو :شهر جي سچل ٿاڻي جي حد شيخ زيد موڙ تي مسجد مان نماز پڙهي واپس ايندڙ نئون ديرو شهر جي غريب آباد محلي واسي 35 ورهين جو فاروق عرف يونس جيهو کي هٿياربندن فائرنگ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو.جڏهن ته اهڙي اطلاع تي حد جي پوليس کي ڏنو ويو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فاروق جيهو کي کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو، جتي نوجوان زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.