پاڪستان :تحريڪ انصاف پارليامينٽريز جي سربراهه پرويز خٽڪ جي پٽ سوشل ميڊيا تي پارٽي ميمبرن بابت لسٽ کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ پرويز خٽڪ جي پٽ اسحاق خٽڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ پارليامينٽريز جو پهريون مشاورتي اجلاس هو جنهن ۾ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.اسحاق خٽڪ چيو ته سوشل ميڊيا تي پارٽي ميمبرن بابت لسٽ ۾ ڪابه سچائي نه آهي. وائرل ٿيل لسٽ مڪمل طور تي فيڪ آهي پرويز خٽڪ ايندڙ اجلاس ۾ سمورن پارٽي ميمبرن جي لسٽ جاري ڪندو.ٻئي پاسي خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر مشتاق غني، اڳوڻي اقليتي معاملن بابت صلاحڪار وزيرزاده، اڳوڻي صوبائي اسيمبلي ميمبرن اعظم خان، قلندر لودهي، افتخار مشواني، عزيز الله گران ۽ مصور خان نئين پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽريز ۾ شموليت جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.