ڪراچي: سي ٽي ڊي سرچ آپريشن دوران 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

سي ٽي ڊي ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن دوران 4 ڄڻڻ کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس جي دهشتگردي جي خاتمي واري سيل ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن دوران شڪي ماڻهن کان پڇاڳاڇا ڪئي.سي ٽي ڊي ترجمان موجب شهر جي مختلف علائقن ۾ سي ٽي ڊي جي ٽيم ۽ تجربيڪار سي ٽي ڊي آفيسرن جي نگراني هيٺ اسٽيل ٽائون، بن قاسم قاسم ٿاڻي، ضلعي ملير جي علائقن سمر ڳوٺ ۽ علي ڳوٺ ۾ انفارميشن بيسڊ تي آپريشن ڪيو ويو.ترجمان ٻڌايو ته علائقي ۾ شڪي ماڻهن جي رڪارڊ جي ڳولا ايپ ذريعي ڪئي وئي ۽ گهر گهر تلاشي دوران 48 شڪي ماڻهن کي چيڪ ڪيو ويو جڏهن ته 4 شڪي ماڻهن ۽ هڪ شڪي گاڏي کي تصديق جي حوالي سان لاڳاپيل ٿاڻي جي حوالي ڪيو ويو.