پاڪستان : ڪرڪيٽ ٽيم گال ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ سريلنڪا کي چئن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. سريلنڪا طرفان ڏنل 131 رنسن جي حدف کي پاڪستان 6 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو. حدف جي تعاقب ۾ قومي ٽيم طرفان امام الحق 50 ۽ آغا سلمان 6 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.راند جي آخري ڏينهن جي شروعات ٿي ته پاڪستان 3 وڪيٽن جي نقصان تي 48 رنسون ٺاهيون جڏهن ته کٽڻ جي لاءِ 83 رنسن جي ضرورت هئي. ڪريز تي امام الحق ۽ ڪپتان بابر اعظم موجود هئا. بابر 24 رنسون ٺاهي برباٿ جي سوريا جو شڪار ٿيو جنهن کان پوءِ سعود شڪيل 30 ۽ سرفراز احمد هڪ رنس ٺاهي پويلين موٽي ويا.
سريلنڪا طرفان پرباٿ جي سوريا 4 ۽ رميش مينڊس 1 رانديگر کي آئوٽ ڪيو. پاڪستان جي مڊل آرڊر رانديگر سعود شڪيل کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. سعود شڪيل گال ۾ کيڏيل ٽيسٽ ميچ ۾ 208 رنسن جي اننگز کيڏي هئي.ٻن ميچز تي ٻڌل ٽيسٽ سيريز جو ٻيون ميچ 24 جولاءِ کان ڪولمبو ۾ شروع ٿيندو. گال ۾ کيڏيل اهو ٽيسٽ ورلڊ ٽيسٽ چيمپين شپ 25-2023 ۾ پاڪستاني ٽيم جو پهريون ٽيسٽ آهي.