ملڪ: ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو قدر اڄ به وڌيو آهي انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر 76 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 283 رپين 80 پئسن تي ٿي ويو، گذريل ڏينهن ڊالر جو اگهه 283.04 رپيا هو.هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 290 رپين تي برقرار آهي، گذريل ڏينهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 4 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 290 رپين جو ٿيو هو.