سويڊن: ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي تازي واقعي جي سخت مذمت

پاڪستان :سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي تازي واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي.گذريل مهيني 29 جون تي عيد الاضحيٰ جي ڏينهن سويڊن ۾ مسجد جي سامهون قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪندڙ جوابدار سلوان موميڪا اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر پوليس جي سڪيورٽي هيٺ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪئي.سويڊن جي حڪومت پاران ملعون سلوان موميڪا کي قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کانپوءِ عراق ۾ سخت عوامي رد عمل سامهون آيو ۽ مشتعل ماڻهن عراق ۾ سويڊن جي سفارتخاني تي چڙهائي ڪري ان ۾ توڑ پھوڑ ڪئي ۽ سفارتخاني جي عمارت کي باهه ڏئي ڇڏي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ مذهبي نفرت تي ٻڌل عمل غير قانوني آهي، عالمي قانون مذهب ۽ عقيدي جي بنياد تي تعصب ۽ تشدد جي منع ڪري ٿو.ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته اسلام فوبيا واقعن سان 2 ارب کان وڌيڪ مسلمانن جا جذبات مجروح ٿيا آهن، عالمي برادري کي اسلام فوبيا جي مذمت ڪرڻ گهرجي.پاڪستاني پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته سمورا ملڪ مذهبي نفرت پکيڙڻ وارن کي ڌار ڪرڻ شروع ڪن، اميد آهي ته سويڊن اختيارين اشتعال انگيز عمل کي روڪڻ لاءِ قدم کڻندا.