اسلام آباد : اين سي اي 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ اعظم خان نيب راولپنڊي ۾ بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو. تفصيل موجب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ نيب راولپنڊي ۾ پيش ٿيو، نيب عملدارن اڳوڻي پرنسپل سيڪريٽري کان ڪيس بابت پڇا ڳاڇا ڪئي، جنهن تي اعظم خان نيب کي حقيقتون ٻڌايون.اعظم خان 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو، نيب اعظم خان کي اڄ صبح 10 وڳي طلب ڪري ورتو. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان سيفرنس بابت بيان رڪارڊ ڪرايو هو، اعظم خان 164 تحت مئجسٽريٽ آڏو چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان خلاف بيان رڪارڊ ڪرايو هو.اعظم خان ان سائفر کي عمدي سازش قرار ڏنو، ۽ چيو ته سائفر کي سياسي مقصدن لاءِ اسٽيج ڪيو ويو.عمران خان سموريون حقيقتون لڪائڻ لاءِ ڪوڙو ۽ بي بنياد داستان تيار ڪيو. هن چيو ته بي اعتمادي کان بچڻ لاءِ تحريڪ انصاف کي پرڏيهي سازش قرار ڏنو. اعظم خان چيو ته عمران خان 9 مارچ تي مون کان سيفر ورتو ۽ بعد ۾ گم ٿي ويو. اعظم خان چيو ته عمران خان سفر ڊرامي ذريعي عوام ۾ ملڪي سڪيورٽي ادارن خلاف نفرت جو ٻج پوکيو، منع ڪرڻ باوجود هن ذاتي مفادن لاءِ عوام ۾ ڳجهو پيغام پهچايو.واضح رهي ته 16 جون 2023 تي اڳوڻو وزيراعظم عمران خان جو پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان گم ٿي ويو هو. بعد ۾ اعظم خان پوليس کي به سندس موجودگي بابت آگاهه ڪيو ۽ وفاقي پوليس اعظم خان جي موجودگي جي تصديق ڪئي.