پنجاب :حڪومت سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ ايڊيشنل ڪمشنرز کي نيون گاڏيون ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

پنجاب : حڪومت پنهنجن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرز، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرز ۽ ايڊيشنل ڪمشنرز کي نيون گاڏيون خريد ڪري ڏيڻ لاءِ 3.2 ارب روپيه جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.اهڙي وقت ۾ جڏهن ملڪ سخت مالي بحران جو شڪار آهي ان وقت ناڻي کاتي لاهور جي اسسٽنٽ ڪمشنرز، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرز ۽ ايڊيشنل ڪمشنرز جي استعمال لاءِ نئين گاڏين جي خريداري لاءِ 3 ارب 20 ڪروڙ روپين جي منظوري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.20 جولاءِ تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هر تعلقي جي اسسٽنٽ ڪمشنر کي نئين فور باءِ فور ڊبل ڪيبن مينوئل ٽرانسميشن گاڏي ڏني ويندي. هر ضلعي جي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرز(جنرل) کي نئين 13 سئو سي سي گاڏي ڏني ويندي. جڏهن ته هر ڊويزن جي ايڊيشنل ڪمشنرز کي 16 سئو سي سي جي ڪار ڏني ويندي.ٻئي طرف لاهور هاءِ ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ پنجاب حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي سمورن ريٽائرڊ ملازمن کي پينشن جوڊيشل الائونس(جيڪا 3 بنيادي پگهارن جي برابر آهي.) شامل ڪري ادا ڪئي وڃي.عدالت پنهنجي انهي فيصلي کي عدليه جي آزادي سان جوڙي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو حوالو ڏيندي لاهور هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته عدالتي الائونس پگهار جو حصو آهي. ان ڪري پينشن کي به ان ۾ شامل ڪيو وڃي.