سنڌ :جي مختلف شهرن ۾ برسات کان پوءِ بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون ٿيو آهي جنهن کان پوءِ 20 فيڊرز ٽرپ ٿيڻ سبب مختلف شهرن ۾ بجلي غائب آهي حيدرآباد، ٽنڊوآدم، مٽياري، هالا ۽ سانگهڙ ۾ بجلي بند ٿيڻ سبب شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو آهي حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد ۽ قاسم آباد سميت مختلف علائقا بجلي بند ٿيڻ سبب اونداهي ۾ ٻڏي ويا آهن. گاڏي کاتو، سرفراز ڪالوني، ٽاور مارڪيٽ، صدر، بوهري بازار ۾ به بجلي غائب آهي شهرين چيو آهي ته حيسڪو جي شڪايتي مرڪز تي ڪير به فون نه پيو کڻي. حيسڪو اختيارين چيو آهي ته فني خرابي ختم ٿيڻ کان پوءِ بجلي بحال ڪئي ويندي ياد رهي ته حيدرآباد، مٽياري، هالا، نيوسعيدآباد، ٽنڊومحمدخان، شهدادپور، ٽنڊوآدم ۽ ڀرپاسي ۾ تيز هوا سان برسات ئي آهي. نوشهروفيروز ۽ پڊعيدن ۾ تيز برسات دوران اهم روڊن تي پاڻي بيهي رهيو. برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.