راڄوخاناڻي: وحشي انسان طرفان قتل ڪيل 8 سالا معصوم نياڻي جي ميڊيڪل رپورٽ پڌري، زيادتي ڪرڻ بعد قتل ڪيو ويو

راڄوخاناڻي : لڳ ٻه ڏينهن اڳ وحشي انسان طرفان قتل ڪيل 8 سالا معصوم نياڻي جي ميڊيڪل رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي، ابتدائي رپورٽ موجب نياڻي سان زيادتي ڪرڻ بعد قتل ڪيو ويو آهي.ٻه ڏينھن اڳ راڄو خاناڻي ۾ لڳ ڳوٺ رائچند ڪولھي ۾ زيادتي بعد وحشي صفت انسان ھٿان قتل ڪيل 8 سالن جي معصوم نينگري لڇمي ڌي ويرجي ڪولهي جي ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي، وحشي صفت جوابدار انسانيت جي هر حد ڪراس ڪندي نينگري سان زيادتي بعد قتل ڪري ڇڏيو.مليل تفصيلن موجب ڊاڪٽرن جي ٽيم ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ پوليس حوالي ڪري ڇڏي آھي، جنھن بابت پوليس ٻڌايو ته رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته جوابدر نينگري سان ٻنهي پاسن کان زيادتي ڪرڻ بعد کيس قتل ڪري ڇڏيو آھي.ٻئي پاسي پوليس ذريعن کان اھو به معلوم ٿيو آهي ته جوابدار جو تعلق ساڳئي ئي ڳوٺ سان آھي ۽ جوابدار ڪمليش ڪولهي نينگري کي شئين وٺي ڏيڻ جو بھانو بڻائي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي اها واردات ڪئي ۽ جوابدار ڪمليش جيڪو پوليس حراست ۾ آھي، ان ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪري ورتو آھي ته ھن اڪيلي اھا واردات ڪئي آھي، جڏهن ته پوليس جوابدار جي اڃا تائين گرفتاري ظاھر ناهي ڪئي ۽ نه ئي صحافين آڏو ان کي پيش ڪيو ويو آھي.