ڪنڌڪوٽ: غوثپور ڀرسان ڪچي جي علائقي ڳوٺ امان الله اوڳاھي پتڻ واري علائقي ۾ ڇھ اڻ ڄاتل ھٿياربندن رستي ويندي چوپايو مال ڪاھي ويندڙ ڌنارن الله وڌايو ۽ عبدالغفار اوڳاھي کي ھٿيارن جي زور تي مارڪٽ ڪري کانئن 15 ڍور ڪاھي ڦر ڪري فرار ٿي ويا۔ مزاحمت تي ڌنار زخمي۔ اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري ھنڌ رواني ٿي ويئي پر جوابدار پوليس کان اڳ ئي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔ اوڳاھي برادري جا ھٿياربند ڏوھارين پويان ويل آھن ۔ واقعي بعد ڌريون مورچه بند۔ متاثر عبدالغفار اوڳاھي صحافين کي ٻڌايو ته ھٿياربند اسانجو چوپايو مال ڪاھي اسانجي ڌنار کي به پاڻ سان وٺي ويا آھن پر پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته چوپايو مال ڦر ٿيو آھي پر ڪنھن ماڻھو جي اغوا جي تصديق ناھي ٿي۔ واقعي جي اين سي داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون۔ ٻئي پاسي علائقي ۾ چئوٻول آھي ته ڦر جو واقعو اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ پراڻي خوني تڪرار تان پيش آيو آھي۔