مارجي ويل ڌاڙيلن جي ساٿارين پوليس سان گڏ آيل جنسار چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪشمور : پوليس سان مقابلي دوران مارجي ويل ڌاڙيلن جي ساٿارين پوليس سان گڏ آيل پرائيويٽ فورس جي هڪ همراهه کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو آهي.جڏهن ته ڌاڙيلن پاران جنسا چانڊيو کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ واري وڊيو به سامهون اچي وئي آهي.ذريعن موجب جنسار چانڊيو ڌاڙيلن خلاف جاري آپريشن ۾ پوليس جي مدد ڪري رهيو هو، وڊيوز ۾ ڌاڙيل جنسار چانڊيو کي گوليون هڻندي ڏٺا ويا