اليڪشن ڪميشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي توهين ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي 25 جولاءِ تي ڪرڻ جو لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته چيئرمين پي ٽي آءِ خلاف 2 آگسٽ تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو، چيئرمين پي ٽي آءِ ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيندو لکت واري حڪم موجب پي ٽي آءِ چيئرمين ذاتي حيثيت ۾ ڪميشن آڏو پيش ٿيو.سندس وڪيل استدعا ڪئي ته وٽس ڪيس جو رڪارڊ ناهي، وڪيل درخواست ڪئي ته رڪارڊ وٺي ڪيس تيار ڪيو وڃي، اها درخواست منظور ڪئي وئي اليڪشن ڪميشن چيو ته وڪيلن جي لا ونگ کان دستاويز حاصل ڪيا وڃن.حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيو، تنهن ڪري سندس گرفتاري جا وارنٽ هن وقت تائين معطل ڪيا وڃن.