ڪنڌڪوٽ : بخشاپور لڳ موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن جي ھٿان زخمي ٿيل مزاري برادري جو نوجوان فوت ٿي ويو پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ وارثن جو لاش رکي ڌرڻو پوليس به ڪيس داخل نه ٿي ڪري ء ڊاڪٽرن کي رحم نه آيو پوسٽ مارٽم لاء ڊاڪٽر رشوت طلب ڪئي ھنن وزير صحت ء ڊي سي ڪشمور ڪنڌڪوٽ کان مطالبو تفصيل موجب بخشاپور ڳوٺ رند علي کڙد مزاري ۾ موٽر سائيڪل ڦر دوران زخمي ٿيل نوجوان احمد علي مزاري فوت ٿي ويو وارثن پاران پوسٽ مارٽم لاء اسپتال آندو پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ تي وارثن جو لاش رکي ڌرڻو ان موقعي شاھزادو مزاري خليل ۽ ٻين چيو ته 3 ڪلاڪ لاش ڪشمور جي سرڪاري اسپتال ۾ پيو رھيو ليڪن ڊاڪٽرن کي رحم نه آيو پيسا ڏيو پوء پوسٽ مارٽم ٿيندو ھنن وزير صحت ۽ ڊي ڪشمورکان ڪنڌڪوٽ کان مطالبو ڪيو آھي ته ڪشمور ۾ مقرر ٿيل ڊاڪٽر کي ھٽائي نوجوان جو پوسٽ مارٽم ڪيو وڃي نه ٻئي صورت ۾ بخشاپور انڊس ھاء وي بلاڪ ڪيو ويندو ھوڏانھن مقتول جو مڙھ گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو