چين : جو نائب وزيراعظم پاڪستان پهچي ويو،اهم ملاقاتون رٿيل

چيني : صدر شي جن پنگ جو خاص نمائندو ۽ نائب وزيراعظم هي ليونگ 3 ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو وفاقي وزير احسن اقبال، راڻا ثناءُالله چيني نائب وزيراعظم جو استقبال ڪيو چيني وفد ۾ نائب وزيراعظم سان گڏ 4 وزير به شامل آهن چيني نائب وزيراعظم جي باقاعده مصروفيت سڀاڻي شروع ٿيندي ۽ هو سڀاڻي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪندو چيني نائب وزيراعظم سي پيڪ جي 10 هين سالگرهه جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو تقريب ۾ سي پيڪ منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين کي ايوارڊ ڏنا ويندا.