ڪرناڻي ھائوس تي جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جو اھم اجلاس ھتي رھبر ڪميٽي جي سربراهه رياض علي چانڊيو جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو.
اجلاس ۾ جسقم جي سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جسقم آريسر جي چئيرمين اسلم خيرپوري، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چئيرمين نواز خان زئور، جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ حاجي انور ڪرناڻي، رواداري تحريڪ جي صدر پنھل ساريو نواز شاهه، ڀاڏائي راول ڪرناڻي، نظير شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي روشني ۾ اسان توھان جي معرفت سنڌ جي نھايت اھم مسئلن بابت سڄي سنڌ کي آگاهه ڪرڻ ٿا گھرون ته ڪارونجھر جبل نه فقط ٿر جي رھواسين جي زندگي سان لاڳاپيل ۽ اھم حيثيت رکندڙ آھي پر ڪارونجھر جبل سڄي سنڌ جو تاريخي ثقافتي مذھبي جاگرافيائي ڏند ڪٿائي ۽ فطري ورثو آھي، جنھن سان لکين سالن جي تاريخ جڙيل آھي ۽ چار لک ماڻھن جي پيئڻ ۽ ٻي ضرورتن جي پاڻي مھيا ڪرڻ جو پڻ ذريعو آھي، ان کي نيلام ڪرڻ لاءِ 4 آگسٽ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آھي. اسين جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي طرفان ڪارونجھر جي نيلامي کي سنڌ جي نيلامي ٿا سمجھون، تنھن ڪري اھو اعلان ٿا ڪريون ته 4 آگسٽ تي ڊي جي مائنس ۽ منرلس جي آفيس ۾ جتي ڪارونجھر جي نيلامي جو واڪ ٿيندو، ان آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو. سڄي سنڌ جي شعور کي اپيل ٿا ڪريون ته چوٿين آگسٽ تي ڊي جي آفيس اڳيان گڏ ٿي ڪارونجھر جي نيلامي کي روڪرائڻ ۾ پنھجو ڪردار ادا ڪن. ساڳي ڏينھن تي جسقم طرفان ڪارونجھر جي نيلامي خلاف سڄي سنڌ ۾ اعلانيل مظاھرن جي سڏ جي حمايت ڪريون ٿا صحافي ڀائروقومي اسيمبلي ۾ جيڪي تڪڙا ۽ ھنگامي بل پاس ڪيا ويا آھن، جنھن ۾ 13 لک ايڪڙ سنڌ جي زمين دفاعي اداري کي ڏني وئي آھي. اھا مظلومن قومن جي زمينن ۽ پيداواري وسيلن تي قبضي جي سازش آھي، ون ونڊو آپريشن جي نالي تي ٿيندڙ قانونسازي قومن جي تاريخي حقن ۽ خودمختياري تي راتاھو آھي، جنھن ڏوهه ۾ پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن)، جي يو آءِ سميت سموريون اتحادي ڌريون شامل آھن. جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي انھنن بلن کي مڪمل طور رد ڪري ٿي سنڌ جي انچ انچ جا وارث سنڌي آھن صحافي دوستوسنڌ ۾ مسلسل انساني حقن جي لتاڙ ٿي رھي آھي، جنھن سبب ماڻھن جي زندگين کي زھر بڻايو ويو آھي. انساني حقن جي لتاڙ جو اھم پاسو قومي ڪارڪنن سميت مختلف ماڻھن کي کڻي گم ڪرڻ فل فراءِ ۽ ھاف فراءِ ڪرڻ آھي، 30 آگسٽ کي جبري گمشدگين خلاف عالمي ڏھاڙي طور ملھايو ويندو آھي. انھي ڪري 30 آگسٽ تي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين خلاف 30 آگسٽ تي سنڌ جي مختلف شھرن ۽ پريس ڪلبن آڏپ احتجاجي مظاھرهه ڪيا ويندا