ملڪ ۾ يوم تڪبير جي سرڪاري موڪل جي باوجود خيبرپختونخواهه اسيمبلي بجيٽ اجلاس جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. خيبرپختونخواهه اسيمبلي وفاقي حڪومت جو يوم تڪبير جي عام موڪل جو نوٽيفڪيشن رد ڪري ڇڏيو. خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ بجيٽ اجلاس جي لاءِ موڪل جو وفاقي نوٽيفڪيشن نه مڃڻ جي تحريڪ صوبائي ناڻي واري وزير آفتاب عالم پيش ڪئي. صوبائي بجيٽ اجلاس اڄ 28 مئي تي به جاري رهندو ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف 28 مئي اڱاري جي ڏينهن يوم تڪبير تي سرڪاري موڪل جو اعلان ڪيو آهي ۽ ڪابينه ڊويزن عام موڪل جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب اڄ 28 مئي يوم تڪبير تي سموري ملڪ ۾ عام موڪل هوندي ۽ ملڪ جا سمورا سرڪاري ۽ نجي ادارا بند رهندا.