جنين جي منتقلي جي ٽيڪنالاجي

جنين جي منتقلي واري جديد ٽيڪنالاجي

سنڌ ۾ چوپائي مال جي نسل بھتر بڻائڻ لاءِ جنين جي منتقلي (Embryo Transfer) واري جديد ٽيڪنالاجي جو پھريون تجربو ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو آھي. سنڌ حڪومت، لائيو اسٽاڪ کاتي ۽ فوني گرو جي سھڪار سان سنڌ انسٽيٽيوٽ آف اينيمل سائنسز ۾ اھو تجربو ڪيو ويو.ھن جديد ٽيڪنالاجي ذريعي بھتر نسل جي جانورن جو تعداد وڌائڻ، کير ۽ گوشت جي پيداوار ۾ اضافو ڪرڻ ۽ مالوندن کي فائدو پھچائڻ جون اميدون ظاھر ڪيون پيون وڃنوڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاھھ تجربي جي ڪاميابي تي مالوندن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آھي تھ اھا ٽيڪنالاجي چوپائي مال جي نسل کي بھتر بڻائڻ سان گڏ زرعي ۽ لائيو اسٽاڪ شعبي ۾ ترقي جا نوان موقعا پيدا ڪري سگھي ٿي.ماھرن موجب، جنين جي منتقلي ھڪ جديد سائنسي طريقو آھي، جنھن ذريعي بھتر نسل جي جانورن جي افزائش ۾ مدد ملي سگھي ٿي. ان ٽيڪنالاجي کي ڪاميابي سان استعمال ڪرڻ لاءِ مالوندن کي تربيت ۽ جديد سائنسي ڄاڻ فراھم ڪرڻ پڻ ضروري آھي.سنڌ حڪومت طرفان مالوندن جي تربيت ۽ جديد ٽيڪنالاجي بابت آگاھي وڌائڻ جا پروگرام شروع ڪرڻ جو ارادو ظاھر ڪيو ويو آھي، تھ جيئن سنڌ ۾ چوپائي مال جي پيداوار ۽ نسل جي معيار کي وڌيڪ بھتر بڻائي سگھجي.