عدالت پوليس سان مبينا جھيڙي واري ڪيس ۾ ايمان مزاري ۽ ھادي علي جي ضمانت منظور ڪري ورتي آھي.تفصيل موجب، ٻنھي ڄڻن خلاف پوليس اھلڪارن سان مبينا بدتميزي ۽ جھيڙي جي الزام ھيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو ھو. ٻڌڻي دوران ٻنھي ڌرين جي وڪيلن پنھنجا دليل پيش ڪيا، جن کانپوءِ عدالت ضمانت جي درخواست منظور ڪرڻ جو حڪم ڏنو.عدالتي فيصلي کانپوءِ ايمان مزاري ۽ ھادي علي جي وڪيلن اطمينان جو اظھار ڪندي چيو تھ ضمانت جي منظوري انصاف جي عمل ۾ اھم اڳڀرائي آھي.وڪيلن طرفان معاملي جي پٺيان سياسي سبب ھجڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي وئي آھي، جڏھن تھ ڪيس جي وڌيڪ قانوني ڪارروائي ايندڙ ڏينھن ۾ جاري رھندي.