سکر : ڪسٽم سکر 2022 دوران پڪڙيل نشي آور شيون ۽ بنيڊ آئم کي ساڙيو ويو 15 ڪروڙ ماليت جي سامان کي ساڙڻ لاء تقريب منعقد

سکر اسسٽنٽ ڊپٽي ڪليڪٽر ڪسٽم سکر زبير احمد شاھ جي نگراني هيٺ ڪسٽم سکر پاران سائيٽ انڊسٽريز واري علائقي ۾ 2022 دوران پڪڙيل نشي آور شيون ۽ بنيڊ آئم کي ساڙيو ويو 15 ڪروڙ ماليت جي سامان کي ساڙڻ لاء تقريب منعقد ڪئي وئي۔تقريب ۾ مئجسٽريٽ۔رينجرز آفيسر۔ايوان صنعت تجارت جي نمائندي ۔ صحافين ۽ ڪسٽم عملدار موجود ان سلسلي ۾ ڪسٽم سکر پاران سائيٽ ايريا واري علائقي ۾ 2022 دوران پڪڙيل انڊين گٽڪو۔شيشو۔گوريون ۔سوپاريون۔غير ملڪي سگريٽ ۔انڊين ڊيجيٽلرسيور۔فليور ۽ ٻئي سامان کي مئجسٽريٽ۔رينجرز آفيسر محمد ايوب۔ايوان صنعت تجارت جي نمائندي ملڪ محمد اويس۔صحافين ۽ ڪسٽم عملدارن جي موجودگي ۾ باھ ڏئي ساڙيو ويو ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي اسسٽنٽ ڊپٽي ڪليڪٽر ڪسٽم سکر زبير احمد شاھ جو چوڻ هو ته ڪسٽم عملو روينيو اوڳاڙي ڪرڻ سان گڏ ملڪ جي سرحدن کان داخل ٿيندڙ پابندي پيل سامان ۽ نشي آور شين جي روڪٿام لاء اهم ڪردار ادا ڪري پيو جڏهن عملي جي کوٽ ۽ محدود وسيلن باوجود ڪسٽم عملو بهتر ڪم ڪري رهيو آھي ڪسٽم آفيسرن کي مليل ذميواري کي نڀائي رهيا آھن جڏهن ته پرڏيھ مان کڻي ايندڙ ۽ ويندڙ واپارين کي پڻ سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انهن لاء آسانيون پيدا ڪرڻ به ذميواري ۾ شامل آھي۔اسين چاهيون ٿا ته عام ماڻهن ۾ نشي آور شين ۔ غيرملڪي پابندي مڙهيل سامان بابت ميڊيا به ڪردار ادا ڪندي آگاهي ڏئي۔

پنھنجي راءِ لکو