67

ڪنڌڪوٽ لڳ ڳوٺ ٻانهون خان قمبراڻي م 1989 کان منظور ٿيل اسڪول کي 33 سال ٿي ويا

ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ عبدالخالق چاچڙ ) ڪنڌڪوٽ لڳ ڳوٺ ٻانهون خان قمبراڻي م 1989 کان منظور ٿيل اسڪول کلي نھ سگھيو 33 سال ٿي ويا تعليم جھيڙي زيور کان محروم بڻيل اسڪول جي بلڊنگ توڙي فرنيچر استاد ء ڪتابن جھيڙي زيور کان محروم بڻيل عارضي رکيل استاد بدامني سبب  اسڪول نھ پيو اچي  100 کان وڌيڪ شاگرد ھئڻ باوجود  ء استاد نه ھجڻ ڪري شاگرد بنا تعليم پنهنجي اسڪول جو  ڳوٽائيم پاس ڪري واپس موٽي وڃن معصوم ٻارن جي ‌تعليم تباھ ٿي رھي آھي  اسان جي اسڪول لاءِ  بلڊنگ فرنيچر ء استاد مقرر ڪيا وڃن معصوم شاگردن  صحافين سان ڳالھائيندي چيو تھ  ھي اسڪول  مير ھزار خان بجاراڻي منظور ڪرايو پر استاد ء اسڪول جي بلڊنگ فرنيچر جي کوٽ پڻ آهي اسان ايس ڊي او بشير ميراڻي ء ڊي او ء ڊي سي ڪشمور ڏي ڪيترائي ڀيرا ويا آھيون ڪو به کڙتيل نه نڪتو عبدالنبي قمبراڻي

تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ لڳ ڳوٺ ٻانهون خان قمبراڻي لڳ ھن  جديد دور م بھ شاگرد  تعليم جھيڙي زيور کان محروم بڻيل آھن اسڪول جو بنياد 1989 م منظور ڪرايو ويو نه اسڪول کي بلڊنگ آهي ۽ نه وري اسڪول م فرنيچر آهي اسڪول م 100 کان وڌيڪ معصوم شاگرد تعليم پرائي رھيا آهن پر  ٻن سالن کان استاد کان محروم آهن 100 کان وڌيڪ شاگرد ء شاگردياڻيون آهن پر ھڪ استاد جيڪو عارضي استاد روپ چند آهي جيڪو شھر ڪنڌڪوٽ جو آهي ضلعي ڪشمور م بدامني سبب ڪڏهن اسڪول وڃي ٿو ته ڪڏهن اسڪول نه ٿو وڃي ان موقعي تي استاد روپ چند چيو ته ڪشمور بدامني ايتري قدر وڌي وئي آهي جو مان ٻھراڙي جي اسڪول م ٻار پڙھائي نه ٿو سگھان خوف سبب اسڪول به نٿو وڃي سگھان ھن وڌيڪ چيو ته ھن اسڪول م 100 کان وڌيڪ شاگرد آهن پر استاد ھڪ آهي ھن اسڪول ٻانهون خان قمبراڻي م 3 استاد مقرر ڪيا وڃن ء مون کي ڪنڌڪوٽ شھر م بدلي ڪيو وڃي ٻي طرف ڳوٺاڻن عبدالنبي قمبراڻي چيو ته ديھ وڪڙو يوسي ملھير ڳوٺ ٻانهون خان قمبراڻي 1989 منظور ٿيل آهي پر ھن اسڪول ڪا به سھولت ناهي ھن اسڪول م ھڪ استاد جيڪو ھندو روپ چند آهي ڪشمور ضلعي م بدامني سبب خوف کان ڪڏهن اسڪول اچي ٿو ته ڪڏهن نه جنهن سبب 100 کان وڌيڪ ٻارن جي زندگي تباھ ٿئي ٿي تعليم جھيڙي زيور کان محروم بڻيل آهن ھن وڌيڪ چيو ته اسان ڊي سي ڪشمور منور علي مٺياڻي ايس ڊي او بشير احمد ميراڻي ڊي او ڏي ڪيترائي ڀيرا دفعا مليا آھيون پر ھنن اسان جي اسڪول م اڄ تائين استاد مقرر نه ڪيو آهي ۽ نه وري اسڪول م فرنيچر مليا ء نه وري ڪتاب مليا آهن اسڪول ۾ ڪيترائي ڀيرا ھر سومر تي جيئن ڪورٽ سڳوري م جوابدار پيش ڪيا ويندا آهن اسان تعليم جي وزير احمد علي شاھ صوبائي وزير مير شبير علي بجاراڻي ايم پي اي مير عابد علي خان سندراڻي کان مطالبو آهي ته فورن نوٽس وٺي ڳوٺ ٻانهون خان قمبراڻي م اسڪول جي بلڊنگ فرنيچر ء استاد مقرر ڪيا وڃن

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو