پريالوءِ ڀرسان يوسي الرڀٽا جي گورنمينٽ ايليمينٽري اسڪول ۾ فرنيچر ڪتابن سميت ٻين بنيادي سهولت نه هئڻ ڪري اسڪول ۾ تعليم پڙندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون پٽ تي ويهي تعليم پرائن ٿا اسڪول ۾ سهولتن جي اڻهوند خلاف شاگردن وڌيڪ چيوته اسان جي اسڪول ۾ نه فرنيچر . ڪتاب ۽ نه ئي ٻيون سهولتون آهن هنن چيوته اسان اسڪول ۾ تعليم پرائڻ لاءِ زمين تي ويهي پڙهائي ڪري رهيا آهيون هنن چيوته اسان جي اسڪول فرنيچر، بجليءَ جي سهولت جي اڻهوند جون درخواستون پنهنجي آفيسرن ڏانهن به موڪليون آهن پر هن مهل تائين تدارڪ نه ٿيو . شاگردن وڌيڪ چيوته اسان جي اسڪول جي بلڊنگ ۾ ڏارپئجي ويا آهن جنهن ڪري بلڊنگ ڪرڻ جو به خطرو وڌي ويو آهي جنهن ڪري اسان معصوم ٻارڙا پريشان آهيون هنن ڊي سي خيرپور . ڊي او خيرپور سميت ٻين لاڳاپيل اختيارين کان نوٽس وٺڻ جو پڻ مطالبو ڪيو