ھڪ نئين تحقيق موجب، جوانيءَ دوران موٽاپي جو شڪار ٿيندڙ ماڻھن ۾ وچولي عمر تائين پھچڻ کانپوءِ ڪينسر جي ڪجھھ قسمن جو خطرو وڌي سگھي ٿو.تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ موٽاپو صرف دل جي بيمارين ۽ ذيابيطس سان لاڳاپيل ناھي، پر اھو ڪينسر جي ڪجھھ قسمن جي خطري ۾ پڻ اضافو ڪري سگھي ٿو.ماھرن موجب، جسماني صحت جو خيال رکڻ، متوازن غذا استعمال ڪرڻ ۽ باقاعدھ جسماني سرگرمي اختيار ڪرڻ مجموعي صحت لاءِ فائديمند آھي.تحقيق ۾ ھارمونز جي عدم توازن سميت ٻين صحت جي عنصرن کي پڻ ڪينسر جي خطري سان لاڳاپيل قرار ڏنو ويو آھي.ماھرن جو چوڻ آھي تھ موٽاپي ۽ ڪينسر جي وچ ۾ لاڳاپن بابت آگاھي وڌائڻ ۽ صحت مند طرزِ زندگي کي ھٿي ڏيڻ ضروري آھي..