سڌريل قومن ۾ “ استاد ” کي مسيحا سمجهيو وڃي ٿو ۽ سڀ کان وڌيڪ انهيءَ طبقي تي حڪومت توانايون خرچ ڪندي رهي ٿي، استادن جي سهولتن، انهن جو معاشي طرح هر حوالي سان خصوصي خيال رکيو وڃي ٿو. اهي قومون ترقيءَ جون راهون طئي ڪري جديد ٽيڪنالاجي جي معراج تي ائين ناهن پهتيون پر انهن استاد جي مان، مرتبي، شان و شوڪت کي پهريان محسوس ڪندي انهي کي هر حوالي سان سکيو ستابو رکيو آهي ۽ انهن استادن جي فيضان مان فيض حاصل ڪيو آهي، پوءِ اهي قومون سڄي دنيا جي نقشي تي اهڙيون ته ڇائنجي ويون آهن. هن وڊيو رڪارڊ ڪرڻ جو مقصد بہ اهو ئي آهي. استاد کي مانُ ڏيڻ ڪالھ سکر گورنمينٽ ڪمپريهينسو هائيرسيڪنڊري اسڪول جي استاد عبدالعزيز لاکو کي رٽائرمينٽ جي آخري ڏينهن پرنسپل عبدالوهاب بلوچ صاحب جي اڳواڻي ۾ استادن، شاگردن ۽ ٻئي عملي گڏجي اسڪول جي گيٽ کان گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو ۽ لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. سنڌ جي سوکڙي پٽڪو ٻڌرايو ويو ۽ اجرڪ اوڍايا ويا ۽ بهترين دعوت جو بندوبست ڪيو ويو. استادن ۽ شاگردن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا.