ٺڪراٺو لڳ پنوعاقل لنڪ روڊ تي پوليس پڪٽ ٻلهڻي ڀرسان پنوعاقل کان ايندڙ جي ايل آء ڪار ڪاري ناري ۾ ڪري پيئي ڪار ۾ سوار گهوٽڪي واسي ٽي ڄڻا غلام جعفر ، عبدالمجید ۽ لياقت کهاوڙ سخت زخمي ٿي پيا جن کي مقامي اسپتال جلال ڳوٺ نيو ويو جتان مقامي ڊاڪٽر کين وڏي اسپتال کڻائي وڃڻ لاء چيو جنهن بعد زخمين کي سي ايم ايڇ پنوعاقل نيو ويو زخمين مان پيرسن غلام جعفر جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ڪار ڊرائيور فضل ڪولاچي ٻڌايو ته ڪار گهوٽڪي جي ٽيڪسي آهي جنهن ۾ کهاوڙ برادري جا ماڻهون مونسان روپهر فيصلي جي تاريخ وٺڻ اچي رهيا سين ته ٻلهڻي پڪٽ ڀرسان ڪاري ناري جي پل کي ڀت نه هجڻ سبب سامهون ئي ڪار اونهي پاڻي ۾ وڃي ڪري سامهون ويٺل ماڻهن ۽ واٽهڙن همٿ ڪري اسانکي ڪار مان ڪڍي ورتو جنهن سبب ڪو جاني نقصان ناهي ٿي سگهيو هڪ پيرسن جي طبيعت ناساز آهي هتان جي علائقي واسين ٻڌايو ته بدقسمتي سان گذريل پندرهن سالن کان ڪاري ناري جي پل کي ڀت ناهي پئجي سگهي جنهن سبب ڪيتريون ئي گاڏيون حادثي جو شڪار بڻجي چڪيون آهن اسان هتان جي چونڊيل ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاھ ۽ ايم پي اي ڄام اڪرام الله ڌاريجو کي پڻ ڪيترا ڀيرا شڪايتون ڪيو آهن پر پل ناهي ٺهي سگهي علائقي واسين سنڌ سرڪار ۽ چونڊيل نمائندن کان گهر ڪئي ته ڪاري ناري جي پل جلد کان جلد جوڙائي ڪري حادثن کان بچايو وڃي_