اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر علي وزير جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار ۽ جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان تي ٻڌل 2 رڪني بينچ علي وزير جي 25 هزار روپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي.انهي کان اڳ دهشتگردي جي انت واري عدالت علي وزير جي ضمانت رد ڪري ڇڏي هئي جنهن کان پوءِ اڳوڻي اسيمبلي ميمبر ضمانت جي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو.ياد رهي ته اڳوڻو ايم اين اي علي وزير هن وقت اڊيالا جيل ۾ قيد آهي ۽ انهي جي خلاف دهشتگردي جا ڪيس داخل ٿيل آهن.