سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهرين بابت رپورٽ جاري نه ڪرڻ تي نادرا اختيارين کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

 سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهرين بابت رپورٽ جاري نه ڪرڻ تي نادرا اختيارين کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.ٻن سڳن ڀائرن سميت 8 ڄڻن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي عدالت ۾ ٿي، سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس ۾ جاچ آفيسرن جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي تي ماڻهو پريشان آهن انهن عدالت ۾ اچڻ ڇڏي ڇڏنو آهي، هن وقت تمام گهڻي صورتحال خراب آهي.عدالت 2 شهرين بابت رپورٽ جاري نه ڪرڻ تي نادرا اختيارين کي شوڪاز جاري ڪيو ۽ ڪمشنر ڪراچي، آءِ جي سنڌ ۽ سي آءِ اي کان به رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهري زبير بابت سمورن صوبن ۽ سڄي ملڪ جي جيلن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت شهرين جا تفصيل اخبار ۽ عوامي هنڌن تي لڳائڻ جو به حڪم جاري ڪري ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل شهري زبير سميت ٻين جي ٽريول هسٽري به چئن هفتن ۾ طلب ڪري ورتي آهي.