نوجوان مظهر لغاري کي غوثپور پوليس اضافي نفري ساڻ ڪري ايس ايڇ او غوثپور اعجاز کوسو جي اڳواڻي ۾ ڪارروائي ڪري

غوثپور هڪ هفتو اڳ عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿي ويل نوجوان مظهر لغاري کي غوثپور پوليس اضافي نفري ساڻ ڪري ايس ايڇ او غوثپور اعجاز کوسو جي اڳواڻي ۾ ڪارروائي ڪري مبينا مقابلي بعد مغوي مظهر لغاري کي بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪري ڇڏي آهي۔ پوليس جو چوڻ آهي ته ڳجهي اطلاع ملڻ تي ڪچي جي علائقي نهال موڙ ۾ ڪارروائي ڪئي سين ته اغوا ڪار ٽولي پاران پوليس جي گاڏين کي ڏسندي ئي پوليس جي گاڏين مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني پوليس پاران به جوابي فائرنگ ڪئي ويئي اغوا ڪار ٽولو پنهنجو گهيرو تنگ ڏسندي گهاٽي جهنگ جو فائدو وٺندي وجھ وٺي فرار ٿي ويا۔ پوليس مغوي مظهر لغاري کي بازياب ڪرائي ايس پي ڪشمور جي آفيس منتقل ڪري ڇڏيو۔ جنھن کي پڇا ڳاڇا ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو واضع رهي ته نوجوان مظهر لغاري هڪ هفتو اڳ عورتاڻي آواز تي ھرکجي ڪنڌڪوٽ جي جهولي لال پمپ واري علائقي مان اغوا ٿي ويو هو نوجوان جي بازيابي لاءِ اغوا ڪار ٽولي پاران 50 لک روپيا ڀنگ پڻ طلب ڪيو ويو هو جنهن بعد مغوي جي وارثن ڪچي جي ڳڙھي تيغو ۽ غوثپور جي ڪچي واري علائقي ۾ پاڪ ڪتاب گھمائي رهواسين کي نوجوان جي بازيابي لاءِ پاڪ ڪتاب جا واسطا پڻ ڏنا هئا۔ علائقي ۾ چئوٻول آھي ته نينگر راڄوڻي ڪوششن بعد واپس موٽيو آھي۔

ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ