تحريڪ انصاف کي 8 سيپٽمبر تي جلسي جي اجازت ملي وئي

 اسلام آباد جي ضلعي انتظاميه تحريڪ انصاف کي 8 سيپٽمبر تي جلسي جي اجازت ڏئي ڇڏي.ضلعي انتظاميه طرفان اجازت نامو تحريڪ انصاف جي ضلعي صدر عامر مغل نالي جاري ڪيو ويو آهي، ڇو ته هن ئي انتظاميه کي جلسي جي اجازت جي حوالي سان درخواست ڏني هئي.انتظاميه طرفان تحريڪ انصاف کي 42 شرطن سان اسلام آباد ۾ جلسي جي اجازت ڏني وئي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.