ڪارساز سانحو، فوتي پيءُ ۽ ڌيءَ جي وارثن جوابدارن کي معاف ڪري ڇڏيو

ڪراچي ۾ ڪارساز روڊ تي حادثي دوران فوت ٿيل پيءُ ۽ ڌيءَ جي وارثن گاڏيءَ جي ڊرائيور عورت نتاشا کي معاف ڪري ڇڏيو. فوتين جي وارثن پاران حلف نامو جمع ڪرائڻ بعد ڪراچي جي عدالت حادثي ڪيس ۾ گرفتار نتاشا ۽ سندس مڙس دانش جي ضمانت منظور ڪري ورتي،فوتي عمران عارف ۽ سندس ڌيءَ آمنه جي وارثن حلف نامي ۾ چيو آهي ته اسان جوابدارعورت نتاشه کي الله جي نالي تي معاف ڪري ڇڏيو آهي.19 آگسٽ تي نتاشا جي تيز رفتار گاڏيءَ موٽر سائيڪل سوار عارف ۽ سندس ڌيءَ آمنه کي ٽڪر هنيو هو.حادثي جي نتيجي ۾ پيءُ ۽ ڌيءَ فوت ٿي ويا هئا، واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيا هئا.