نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ ادارن کي بدنام ڪرڻ لاءِ هڪ سياسي پارٽي طرفان هر طريقو استعمال ڪيو ويو.پرڏيهي پاڪستاني فائونڊيشن طرفان يوم دفاع جي حوالي سان لنڊن ۾ منعقد ڪيل تقريب کي اسحاق ڊار بطور خاص مهمان طور خطاب ڪيو.اسحاق ڊار چيو ته اپريل 2022 کان پوءِ هڪ سياسي پارٽي پاڪستان تي حملي آور ٿئي، خبر ناهي اسان ڪڏهن سياسي طور تي بالغ ٿينداسين. گذريل حڪومت کي عدم اعتماد جي ذريعي جمهوري طريقي سان گهر اماڻيو، اڳوڻي حڪومت دهشتگردي لاءِ سرحدون کوليون، اسان دهشتگردي کي ٻيهر جڙ کان ختم ڪنداسين.هن چيو ته گذريل حڪومت جي هڪ وزير طرفان ڏنل غير ذميواراڻي بيان پي آءِ اي کي يورپ ۾ بند ڪري ڇڏيو. قومي ايئر لائين جلد بحال ٿيندي، پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ اسلام آباد ايئرپورٽ کي آئوٽ سروس ڪري رهيا آهيون.اسحاق دار چيو ته برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پرڏيهي پاڪستانين کي پارليامينٽ ۾ سيٽون ملڻ گهرجن پاڪستان جو مستقبل صرف جمهوريت ۾ آهي، پيپلز پارٽي ۽(ن) ليگ گڏيل طور تي ميثاق جمهوريت ڪيو، پي ٽي آءِ سميت ٻين پارٽين کي ميثاق جمهوريت لاءِ دعوت ڏني.نائب وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مون تي ٽيڪس نه ڀرڻ جو ڪوڙو الزام لڳايو ويو هو، وقت تي انصاف نه ملڻ سبب مون کي برطانيه ۾ ترسڻو پيو. گذريل اڍائي سالن کان پاڪستان جون آءِ ايم ايف سان ٿيندڙ ڳالهين کي ناڪام بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. مون هميشه اهو چيو آهي ته آءِ ايم ايف هجي يا نه هجي پاڪستان ڊيفالٽ نه ٿيندو.