پاڪستان ۾ اسڪول نه ويندڙ ٻارن جو انگ اڍائي ڪروڙ کان وڌي ويو

 پاڪستان ۾ اسڪول نه ويندڙ ٻارن جو انگ اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ ٿي ويو آهي، پاڪ الائنس فارميٿ اينڊ سائنس(پي اي ايم ايس) طرفان دي مسنگ ٿرڊ آف پاڪستان جي عنوان سان رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي.جاري ڪيل رپورٽن جي انگن اکرن موجب اسڪول نه ويندڙ 5 کان 16 سالن جي ٻارن جو انگ تقريبن 2 ڪروڙ 53 لک 73 هزار 350 آهي جيڪو ملڪ جي آبادي جي ٽئين حصي تي ٻڌل آهي.2023 جي آدمشماري تي ٻڌل اها نئين ڊيٽا پاڪستان ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي پهرين رپورٽ آهي جيڪا انهي تعداد جو تعلقي جي سطح تي تجزيو فراهم ڪري ٿي جيڪو ضلعن ۽ صوبن جي اندر  موجود تفاوت کي وڌائي ٿو.جاري ڪيل انگن اکرن موجب سڀني کان وڌيڪ خراب ڪارڪردگي بلوچستان، جڏهن ته بهتر پنجاب جي تعلقن جي آهي جن ۾ پهرين 4 جو تعلق راولپنڊي  سان آهي. رپورٽ موجب بلوچستان جي ضلعي سبي جي تعلقي ڪوٽ منڊئي جا 92 سيڪڙو ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن جنهن جي ڪري اها 591 تعلقن مان سڀني کان وڌيڪ  خراب ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي.انهي کان پوءِ ڪي پي ڪي جي ڏکڻ وزيرستان جي علائقي توئي کهله جو نمبر آهي جنهن  جا گهٽ ۾ گهٽ 91 سيڪڙو ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، سڀني کان بهتر ڪارڪردگي تعلقي ڪهوٽه جي آهي، پنجاب جي شهر راولپنڊي جا صرف 7.68 سيڪڙو ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. ڪوٽلي سٽيان به روالپنڊي ۾ آهي جتي 8.52 سيڪڙو ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن.انگن اکرن مان خبر پئي آهي ته 5 کان 9 سالن جي عمر جا ٻار وڌيڪ تعليمي نقصانن جو شڪار آهن انهن مان 51 سيڪڙو اسڪولن ۾ داخلا ناهي ورتي. جڏهن ته 5 کان 9 سالن جي عمر جا 50 سيڪڙو ٻار هاڻ اسڪول نه ويندا آهن مذڪوره رپورٽ جي روشني ۾ اندازو ٿئي ٿو ته پاڪستان جي مستقبل کي سخت خطرا پيش آهي جنهن جو فوري ازالو تمام گهڻو ضروري آهي.