ڪنڌ ڪوٽ گلشير محلي واسين معزور ڀارت لال عرف ڀرت ميگھواڙ پريس ڪلب پھچي ڪري مسلسل پوليس زيادتين خلاف احتجاج ڪندي چيو ته پوليس ٽيون ڀيرو مون تي منشيات جو ڪيس داخل ڪري ظلم ۽ ناانصافي ڪري ڪري رھي پھريون شراب جو ڪيس داخل ڪيو ويو جنھن ۾ پنج مھينن کان وڌيڪ جيل ڀوڳي آيس ٻيھر پوليس گرفتار ڪري چرس جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو جنهن ۾ 16 مھينا جيل ۾ رھي آيس ھاء ڪورٽ سنڌ انصاف ڪري آزاد ڪيو ھڪ بازو نه ھجڻ جي باوجود برف ھلائي پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪري رھيو ھيس ته پوليس اھلڪار برف جي سينڊل مان گرفتار ڪري ٻيھر شراب جو ڪيس داخل ڪري جيل موڪليو عدالت ۾ ڪيس ھلندڙ آهي عدالت مان انصاف جي اميد آهي ڪنڌ ڪوٽ شھر جي اي ـ بي ـ سي سيڪشن ٿاڻين جي پوليس منشيات فروشن بدران غريبن سان ظلم ڪري رھي آهي احتجاج ذريعي سنڌ پوليس ـ آ جي سنڌ ـ ڊي آ جي لاڙڪاڻو ـ ايس ايس پي ڪنڌ ڪوٽ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪريان ٿو ته مون معذور مسڪين مزدور سان ظلم ڪندڙن خلاف محڪمائي ڪاروائي ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي بار بار پوليس زيادتيون بند ڪرايون وڃن