ڪنڌرا لڳ ڳوٺ واه ٻررڙ ۾ ڪجه عرصو پهريان ٻرڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو هو جنهن ۾ هڪ ڌر جو منظور حسين کي قتل ڪيو ويو هو جنهن جي ايف آء آر ڪنڌرا ٿاڻي تي ڇهن ڄڻن تي داخل ڪئي وئي جنهن مان ڪنڌرا پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آھي جڏهن ت چار جوابدار رپوش بڻيل آھن جنهن کي ڪنڌرا پوليس هن وقت تائين گرفتار ناهي ڪري سگهي ان حوالي سان قتل ٿي ويل منظور حسين جي وارثن امان الله ٻرڙو ، صادق حسين ٻرڙو ، عابد حسين ٻرڙو ميڊيا اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي ايس ايس پي سکر ، ڊي آء جي سکر، ۽ آء جي سنڌ ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مطالبو ڪندي چيو ت ايف اء آر ۾ ڄاڻايل جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو ن ت ٻي صورت ۾ احتجاج جودائرو وڌايو ويندو