راڻا ثناءُالله عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي اسرائيلي برانڊ قرار ڏئي ڇڏيو

وزيراعظم جي صلاحڪار ۽ پاڪستان مسلم ليگ(ن) پنجاب جي صدر راڻا ثناءُالله عمران خان ۽ پي ٽي آءِ کي اسرائيلي سياسي برانڊ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ راڻا ثناءُالله چيو ته اسرائيل ٽائمز پاڪستان ۾ انقلاب ۽ تبديلي آڻڻ جي حقيقت کولي ڇڏي آهي. اهڙي انڪشاف کان پوءِ 9 مئي جا منصوبه تيار ڪندڙن ۽ حملن جا وڌيڪ سبب چٽا ٿي ويا آهن. هن چيو ته پرڏيهي فنڊنگ ۽ سماجي خدمت هڪ پلاننگ جو حصو هئي جنهن جو مقصد پاڪستان جي اسلامي، نظرياتي سوچ ۽ پرڏيهي پاليسي کي تبديل ڪرڻ هو.هن چيو ته پاڪستان کي ايٽمي ملڪ بنائڻ، سي پيڪ آڻڻ ۽ معاشي ترقي کي تاريخ جي بلند ترين سطح تي وٺي ويندڙ نوازشريف کي اقتدار مان ڪڍڻ جي پوري ڪهاڻي اسرائيلي اخبار جي مضمون کي پڙهي چڱي ريت سمجهه ۾ اچي ويندي آهي.راڻا ثناءُالله چيو ته اسرائيل عمران نيازي جهڙي مهري جي حق ۾ بيان ڇو ڏنو هو. آمريڪي ڪانگريس مان قرارداد ڇو منظور ٿي هئي، انهي جا سمورا راز کلي سامهون اچي ويا آهن.هن وڌيڪ چيو ته عمران نيازي ۽ پي ٽي آءِ اسرائيلي برانڊ آهي جنهن کي اسلامي ٽچ ڏئي مسلمانن ۾ مشهور بنائڻ جي منظم ڪوشش ٿي پاڪستان سميت هر مسلمان کي فلسطينين جي قاتل اسرائيل کي سياسي برانڊ جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي. اهڙيون حقيقتون سامهون اچڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ کي جلسن جي نه پر ٻڏي مرڻ جي ضرورت آهي.