وفاقي راڄڌاني ۾ پي ٽي آءِ طرفان ڪوٺايل جلسي جي لاءِ خيبرپختونخواهه جي سرڪاري وسيلن جو استعمال ٿيڻ لڳو آهي.رپورٽ موجب ريسڪيو 1122 جون ڪيتريون ئي آپريشنل گاڏيون صوابي پهچي ويون، گاڏين ۾ ريسڪيو 1122، ايمبولينسز ۽ فائر وهيڪلز موجود آهن. ڊي جي ريسڪيو 1122 هر ضلعي مان 2-2 گاڏيون پهچائڻ جي سختي سان هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.درجنين باوردي ريسڪيو اهلڪارن کي گاڏين سان گڏ اسلام آباد تائين وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اوڀر ۽ ڏاکڻي ضلعن کان ايندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي قافلن سان گڏ به ايمبولينسون روانو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.قافلن جي اڳيان ۽ پٺيان 2-2 ايمبولينسون موجود هونديون. ريسڪيو 1122 اهلڪار ايمبولينس جي قافلن سان گڏ هوندا. امڪاني بند رستا کولڻ لاءِ ڪرينز، ايڪسويٽز، ڊيزاسٽر وهيڪلز کي به طلب ڪيو ويو آهي.