سينئر سياستدان دانيال عزيز تي پوليس کي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي.جوڊيشل مئجسٽريٽ شڪرڳڙهه دانيال عزيز تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي. انهي موقعي تي دانيال عزيز ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي شفاف ٽرائل جو مطالبو ڪيو.ياد رهي ته دانيال عزيز تي اليڪشن جي ڏينهن پوليس کي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ قلم 144 جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل ٿيل هو. جڏهن ته 8 فيبروري جي عام چونڊن ۾ مسلم لگ(ن) دانيال عزيز کي ٽڪيٽ جاري نه ڪيو هو جنهن کان پوءِ هن اين اي 75 نارووال مان آزاد حيثيت سان چونڊن ۾ حصو ورتو هو. اليڪشن ڪميشن به کيس ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي جو نوٽيس جاري ڪيو هو.