آءِ ايم ايف اجلاس جو نئون شيڊيول جاري، پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر نظر انداز

عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ جي هڪ ٻئي اجلاس جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي.آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽو بورڊ جي 18 سيپٽمبر تائين اجلاسن جي شيڊول ۾ پاڪستان جو 7 ارب ڊالر جو قرض پروگرام شامل نه آهي. ايگزيڪٽو بورڊ 18 سيپٽمبر تي سيرينام جي ستين جائزي جي منظوري ڏيندو. انهي کان اڳ بورڊ جي 9 ۽ 13 سيپٽمبر جي اجلاسن جو شيڊول به جاري ٿي چڪو آهي. آءِ ايم ايف ايگزيڪٽو بورڊ جي 9 سيپٽمبر جي اجلاس ۾ ڀوٽان جو ڪيس شامل آهي جڏهن ته 13 سيپٽمبر جي اجلاس ۾ ناروي جو ڪيس شامل آهي.ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو 12 جولاءِ تي ٿيو هو. پاڪستان کي اڃان تائين ٻاهرين فنانسنگ کيپ کي پورو ڪرڻ ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اڳواٽ شرط پوري ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان  جو ايجنڊا ۾ شامل ٿيڻ جو امڪان آهي. پاڪستان کي 3 کان 5 ارب ڊالر جي ايڪسٽرنل فنانسنگ کيپ کي منهن ڏيڻو آهي. پاڪستان 175 ارب ڊالر جي ڪمرشل قرض لاءِ درخواست ڪري چڪو آهي.ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته پاڪستان اسلامڪ ٽريڊ فنانس ڪارپوريشن کان 40 ڪروڙ ڊالر، اسلامڪ ڊوالپمينٽ بينڪ کان 35 ڪروڙ ڊالر، اسٽينڊرڊ چارٽرڊ کان 1 ارب ڊالر قرض جي درخواست ڪري چڪو آهي.پاڪستان سعودي عرب کان به 1.2 ارب ڊالر قرض جي درخواست ڪري چڪو آهي جڏهن ته سعودي عرب سان ملتوي ادائيگين تي آئل فيسليٽي لاءِ ڪوششون جاري آهن.