عمران خان کي وڏو رليف ملي ويو

قومي احتساب بيورو (نيب) پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف داخل نئون توشه خانه ڪيس احتساب عدالت کان واپس وٺي ڇڏيو.پي ٽي آءِ باني خلاف نئين توشه خانه ريفرنس ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، پي ٽي آءِ باني جي وڪيل سلمان صفدر چيو ته نيب ترميمن جي بحالي کانپوءِ نئون توشه خانه ڪيس ٺهي ئي نه ٿو، هن وقت جيڪو قانون آهي ان تحت ڏوهه ٺهي ئي نه ٿو.احتساب عدالت جي جج محمد علي وڙائچ ٻڌڻي ۾ ٽِين وڳي تائين جو وقفو ڪيو ۽ ان کانپوءِ نئون توشه خانه ريفرنس اسپيشل ڪڪ سينٽرل ڏانهن منتقل ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو.احتساب عدالت حڪم ڏنو ته نئين توشه خانه ڪيس ۾ ضمانت جون درخواستون لاڳاپيل عدالت ئي ٻڌندي، نئين توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي 10 سپٽيمبر تي لاڳاپيل عدالت ڪندي.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ عمران خان طرفان نيب ترميمن تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو سهارو وٺندي 190ملين پائونڊ ريفرنس ۾ احتساب عدالت کان رعايت گهري هئي ۽ پنهنجي بريت جي درخواست داخل ڪئي هئي.