دفاع واري وزير خواجه آصف اعتراف ڪيو آهي ته آمريڪي دٻاءُ تي ايران پائپ لائن معاهدو پورو نه پيو ڪرڻ ڏنو وڃي.پنهنجي هڪ بيان ۾ خواجه آصف چيو ته پاڪ ايران گيس پائپ لائن معاهدو پاڪستان جي بقا جو معاملو آهي، اسان 18 ارب ڊالر ڪٿان ڏينداسين هاڻوڪي صورتحال ۾ اسان 18 ملين به نٿا ڏئي سگهون.هن چيو ته آمريڪي دٻاءُ تي ايران پائپ لائن معاهدو پورو نه پيو ڪرڻ ڏنو وڃي. آمريڪا سان ڊپلوميسي ڪئي وڃي ته جيئن اهو اسان کي اهو معاهدو مڪمل ڪرڻ ڏئي هلندڙ مهيني وزيراعظم شهباز شريف آمريڪا ويندو انهي کي اها ڳالهه ضرور ڪرڻ گهرجي. ايران پاڙيسري اسلامي ملڪ هجڻ جي حيثيت سان تمام گهڻو صبر ڪيو آهي.دفاع واري وزير چيو ته پاڪ ايران گيس پائپ لائن منصوبي کي 2008 يا 2009 ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجي ها. ايران عالمي عالمي عدالت وڃي رهيو آهي ته ان کي پنهنجي حقن جو تحفظ ڪرڻو پئجي رهيو آهي. ايران پاڪستان تي 18 ارب ڊالر هرجاڻي جي لاءِ پيرس جي عدالت سان رابطو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.