قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق گذريل ڏينهن پارليامينٽ ٻاهران پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گرفتاري تي ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.قومي اسيمبلي جي اڄوڪي ٿيندڙ اجلاس ۾ اسپيڪراياز صادق گذريل ڏينهن ٿيل واقعي تي رد عمل ڏنو. هن چيو ته گذريل ڏينهن پارليامينٽ جي گيٽ تي جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي خاموش نه رهنداسين.اياز صادق چيو ته گذريل ڏينهن جيڪو ڪجهه ٿيو ان کي پارليامينٽ تي ٽيون حملو سمجهان ٿو. مون پارليامينٽ گيٽ جا سمورا فوٽيج گهرايا آهن. گذريل رات جيڪو ڪجهه به ٿيو ان تي يقيني طور تي ايڪشن کڻڻو پوندو.هن چيو ته انهي معاملي کي اسان سنجيدگي سان ڏسنداسين حقيقتون ۽ فوٽيج ڏسڻ کان پوءِ ايڪشن کنيو ويندو. فوٽيج ڏسي ئي ان جي ذميواري وجهڻي آهي.انهي کان اڳ اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ علي محمد خان چيو ته ڪالهه رات جيڪو ڪجهه ٿيو اهو پاڪستان جي جمهوريت جو 9 مئي هو جنهن کي پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪاري باب جي طور تي ياد رکيو ويندو.علي محمد خان چيو ته ڪالهه رات اسان جي اڳواڻن کي پارليامينٽ هائوس، مسجد ۽ حجري مان کنيو ويو، اسان پنهنجو ڪيس وڙهي رهيا آهيون، اڄ منهنجو ڪيس جمهوريت جو آهي ڪالهه رات جيڪو ڪجهه ٿيو پارليامينٽ سان ٿيو آهي. اسپيڪر صاحب اسان اسرائيل ۾ نه پاڪستان ۾ آهيون.