غوثپور شھر ۾ بدامني تي ظابطو نه آيو۔ ٻن ھفتن اندر شھر جي مئن شاھي بازار ۾ ڏينھن ڏٺي جو ڦر جي ٽين واردات۔ مليل تفصيل موجب ته موٽر سائيڪل تي سوار ٽن ٻٽ ٻڌل ھٿياربندن شھر جي مئن شاھي بازار ۾ ھندو واپاري ڪائونسلر برج لال ٺاڪر جي آفيس تي ڪاھ ڪري سندس منشي پنڪچ ڪمار ۽ عملي کي يرغمال بڻائي ٽيھ ھزار روڪ رقم ۽ ٽي قيمتي موبائيل فونون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا۔ شاھي بازار ۾ ڊيوٽي تي ويٺل پوليس اھلڪار به ڪجھ نه ڪري سگھيو۔ سندس ھٿيار ڪم نه ڪيو ۽ ڏوھاري آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔ واقعي بعد شھر ۾ خوف سبب دوڪان بند ٿي ويا۔ واضع رھي ته اڳ ۾ به اھڙي ئي نموني ڏوھارين ٻن الڳ الڳ وارداتن ۾ ڪنڌڪوٽ جي واپاري ممتاز لاشاري کان سوا ٽي لک روپيه ۽ واپاري راجيش ڪمار کان پنجاھ ھزار ۽ موبائيلون ڏينھن ڏٺي ڦر ڪري ويا آھن ۽ انھن ٻنھي ٿيل وارداتن…