پي ايس 112 ڪماري تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ۾ پي ٽي آءِ اميدوار هارائي ويو ۽ پ پ جو آصف موسيٰ ڪامياب قرار ڏنو ويو.تفصيل موجب پي ايس 112 ڪياماڙي تان پي ٽي آءِ جي سربلند خان جي ڪاميابي شڪست ۾ تبديل ٿي وئي، تڪ 112 تان ٻيهر ڳڻپ ۾ پ پ جي آصف موسيٰ کي ڪامياب قرار ڏنو ويو.اليڪشن ڪميشن آصف موسيٰ جي تڪ تان ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ پيپلز پارٽي جي محمد آصف موسيٰ ايوان ۾ حلف کنيو.محمد آصف موسيٰ جي حلف برداري سان سنڌ اسيمبلي جي 168 ميمبرن مان پيپلز پارٽي جا 116 ميمبر ٿي ويا آهن.واضح رهي ته 2024ع جي عام چونڊن ۾ پي ايس 112 تان آزاد اميدوار سر بلند خان ڪامياب ٿيو هو.