پنجاب حڪومت آءِ ايم ايف جي دٻاءُ تي اسلام آباد جي صارفين لاءِ بجلي جي قيمت تي 14 روپيه في يونٽ سبسڊي واپس وٺي ڇڏي آهي جنهن جي نتيجي ۾ سيپٽمبر جي بلن ۾ وفاقي علائقي جا صارفين 14 روپيه يونٽ سبسڊي جي حقدار نه هوندا.اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب وفاقي علائقي جي صارفين کي سيپٽمبر مهيني جا بجلي جا بل پهرين جولاءِ جي قيمتن موجب جاري ٿيندا.رابطي تي پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري اسلام آباد جي صارفين لاءِ بجلي جي بلن تي سبسڊي واپس وٺڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته وزيراعليٰ مريم نواز اسلام آباد جي صارفين کي سبسڊيز ڏيڻ چاهي ٿي پر آءِ ايم ايف سان معاهدي سبب وفاقي علائقي کي اهو رليف نه ملي سگهيو.هن چيو ته ان باوجود پنجاب جي صارفين لاءِ سبسڊي 30 سيپٽمبر تائين برقرار رهندي، هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي.