پارليامينٽ مان گرفتاريون: قومي اسيمبلي جي سارجنٽ ايٽ آرمز سميت 5 سيڪيورٽي اهلڪار معطل

 پارليامينٽ مان ٿيندڙ گرفتارين تي قومي اسيمبلي جي سارجنٽ ايٽ آرمز سميت 5 سيڪيورٽي اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي.رپورٽ موجب پارليامينٽ جي اندران ٿيندڙ گرفتارين جي معاملي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق طرفان ايڪشن وٺڻ کان پوءِ اسيمبلي جي سيڪيورٽي طرفان غير ذميواري ڪرڻ تي سارجنٽ ايٽ آرمز اشفاق اشرف کي معطل ڪيو ويو آهي.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سارجنٽ ايٽ آرمز کي 4 مهينن جي لاءِ معطل ڪيو آهي، انهي کان علاوه پارليامينٽ ۾ سيڪيورٽي ۾ ناڪامي تي ٻين 4 سيڪيورٽي اهلڪارن کي به معطل ڪيو ويو آهي.معطل ڪيل سيڪيورٽي اهلڪارن ۾ سيڪيورٽي اسسٽنٽ وقاص احمد ۽ 3 جونيئر سيڪيورٽي اسسٽنٽ عبيدالله، وحيد صفدر ۽ محمد هارون شامل آهن.ياد رهي ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي اجلاس ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ رات دير سان پوليس داخل ٿي ۽ لائٽون بند ڪري ميمبرن جي گرفتارين کي پارليامينٽ تي حملو قرار ڏنو هو. اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پ پ پ، جي يو آءِ، پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم سميت ٻين حڪومتي ۽ اپوزيشن پارٽين واقعي جي سخت مذمت ڪئي هئي.ٻئي پاسي پنهنجي بيان ۾ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته پارليامينٽ مان ماڻهن کي کڻڻ تي ايجنسين جي ڊي جيز جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پارليامينٽ مان ڪنهن ماڻهن کي کنيو، اها ڪا خلائي مخلوق نه هئي. دليرانه انداز ۾ ماڻهن کي جبري طور تي گم ڪيو ويو. جمهوريت ۾ اها شيءَ نٿي هلي سگهي. هاڻ گهڻو ٿي ويو، ايجنسيز جي ڊي جيز خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.