پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ دفعو ٻيهر وڏي لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب ملڪ ۾ پيٽرول 12 روپيه في ليٽر سستو ٿيڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي.انڊسٽري جي ذريعن موجب ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ به 12 روپيه ۽ گاسليٽ جي قيمت 8 روپين تائين گهٽ ٿيڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي.پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اندازو 12 يا 14 سيپٽمبر تي عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين کان پوءِ ٿيڻ جو امڪان آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ ٿي وئي آهي.ياد رهي ته 31 آگسٽ تي به وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي هئي. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 1.86 روپيه في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي هئي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3.32 روپيه جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 2.15 روپيه في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي هئي. انهي کان علاوه لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 2.97 روپيه في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي هئي.