عمران خان جو ملٽري ٽرائل ٿيندو يا نه؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪومت کان جواب گهري ورتو

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جو ملٽري ٽرائل غور هيٺ هجڻ يا نه هجڻ بابت وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.عمران خان جي امڪاني ملٽري حراست ۽ ٽرائل جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ڪئي. جسٽس گل حسن ريمارڪس ڏنا ته عمران خان هڪ سويلين آهي، سويلين جو ملٽري ٽرائل درخواستگذار ۽ عدالت جي لاءِ فڪر جوڳو آهي.جسٽس ميان گل حسن چيو ته درخواستگذار جو وڪيل چوي ٿو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان بيان آيو آهي جيڪڏهن ائين آهي ته فيڊريشن طرفان واضح موقف اچڻ گهرجي. اڄ اسان چئي ڇڏيون ته اڃان ڪجهه ناهي سڀاڻي اوهان ملٽري ٽرائل جو آرڊر کڻي اچو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ وفاقي حڪومت هدايتون وٺي سومر تي عدالت کي آگاهه ڪري.ايڊيشنل اٽارني جنرل استدعا ڪئي ته پهريان درخواست تي لڳايل اعتراضن جو فيصلو ڪيو وڃي جنهن تي جسٽس گل حسن چيو ته مان درخواست تي رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪري رهيو آهيان.عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ جو فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل بابت فيصلو موجود آهي. جواب ڏيو ته پي ٽي آءِ باني جو ملٽري ٽرائل ٿيندو يا نه؟ جيڪڏهن اهڙو ڪجهه نه ٿيو ته درخواست غير موثر ٿي ويندي ۽ جيڪڏهن اهڙو ڪجهه غور هيٺ آيو ته ڪيس کي ٻڌي فيصلو ڪنداسين.جنهن کان پوءِ عدالت درخواست تي اعتراض ختم ڪري رجسٽرار آفيس کي درخواست تي نمبر لڳائڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 16 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.