جيڪب آباد ۾ گذريل ڏينهن مبينا طور زيادتي جو نشانو بڻيل پوليو ورڪر عورت جي واقعي جو ڪيس داخل ويو آهي، متاثره پوليو ورڪر دٻاءُ بعد زيادتي واري موقف تان هٿ کڻي وئي جنهن کان پوءِ ڦر جي ڪوشش ۽ موتمار ڌمڪين جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.مولاداد ٿاڻي تي پوليو ورڪر عورت مسمات عابده جي فرياد تي هڪ جوابدار احمد عرف انبي جکراڻي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسان پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ ڳوٺ الهه بخش جکراڻي پهتاسين ته جوابدار احمد عرف انبي ور مان پسٽل ڪڍي مٿي تي رکي، جوابدار مون کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون مون سان زنا يا جنسي زيادتي نه ڪئي وئي آهي.داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مون سان ڪنهن به زيادتي نه ڪئي آهي، صرف هٿيار جي زور تي موتمار ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن. پوليس پاران داخل ڪيل ڪيس ۾ موتمار ڌمڪين ۽ ڦر جي ڪوشش جا قلم شامل ڪيا ويا ياد رهي ته گذريل ڏينهن مولاداد ٿاڻي جي حد ۾ ٻارن کي ڦڙا پيارڻ لاءِ ويندڙ ٽيم کي يرغمال بڻائي عورت سان مبينا زيادتي ڪئي وئي هئي. اهڙي اطلاع تي ڊي سي ۽ ايس ايس پي واقعي واري هنڌ پهچي عورت کي بازياب ڪرائي ميڊيڪل لاءِ جمس اسپتال کڻائي آيا هئا.متاثره عورت سان مبينا زيادتي جي معاملي تان جزا پڻ ورتا ويا هئا ڊي ايڇ او ۽ ڊي سي پاران زيادتي جي تصديق ڪئي وئي هئي ان حوالي سان وڌيڪ ٻڌايو پيو وڃي ته سنڌ جي وڏي وزير چيف سيڪريٽري ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پاران واقعي جو نوٽيس وٺڻ بعد عورت تي دٻاءُ وجهي زيادتي واري معاملي تان هٿ کڻايو ويو.